| ڪراچي آرٽس ڪائونسل پاران سنڌ انفارميشن ڪميشن جو معلومات تائين رسائي وارو فيصلو چيلنج |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ڪراچي آرٽس ڪائونسل سنڌ انفارميشن ڪميشن جو معلومات تائين رسائي ڏيڻ وارو فيصلو چيلنج ڪري ڇڏيو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 4 هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو،عدالت کي آرٽس ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي ٻڌايو ته سنڌ انفارميشن ڪميشن آرٽس ڪائونسل کي پبلڪ باڊي قرار ڏئي معلومات فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڪميشن آرٽس ڪائونسل کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ناهي ڪيو، هن چيو ته آرٽس ڪائونسل هڪ غير منافع بخش ادارو آهي، جيڪو حڪومتي ڪنٽرول کانسواءِ سرگرميون هلائيندو آهي، سنڌ حڪومت کان ملندڙ گرانٽس آرٽس ڪائونسل جي ڪل آمدني جو محدود حصو آهن، قانون موجب رڳو حڪومتي فنڊنگ تي ڀاڙيندڙ نجي ادارن کي ئي پبلڪ باڊي قرار ڏئي سگهجي ٿو، وڪيل جو چوڻ هو ته آرٽس ڪائونسل کان ميمبرن جي ذاتي ۽ ٻي حساس نوعيت جي معلومات گهري وئي آهن، نجي ۽ ڳجهي معلومات مهيا ڪرڻ شهرين جي رازداري واري حق جي خلاف آهي، سنڌ انفارميشن ڪميشن جا حڪم غير قانوني قرار ڏنا وڃن، وڪيل چيو ته لاڳاپيل اختيارين کي آرٽس ڪائونسل خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان به روڪيو وڃي.