ڪراچي: ابراهيم حيدري واسي ڪانگو وائرس ۾مبتلا

جُون 18, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري واسي نوجوان کي ڪانگو وائرس جي تصديق، وارثن پاران نوجوان جي زندگي بچائڻ جي اپيل، ابراهيم حيدري جي نوجوان ماڇي پاڙي واسي 22 ورهيب زبير پٽ موسيٰ لکيو جي حالت خراب ٿي وئي،جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن نوجوان کي علاج کان جواب ڏئي ڇڏيو، کيس خانگي اسپتال  منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نوجوان جا گڙدا، ڦڦڙ ۽ رت جون ناليون سخت متاثر ٿيون آھن، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن ٻڌايو آھي ته زبير ڪانگو وائرس جو شڪارٿي ويو آھي،زبير زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھي، سندس حياتي بچائي وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل