ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اسڪيم 33 ۾غير قانوني طور اڏيل عمارت جو اڌ حصو نه ڊاهڻ تان ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ، بلڊر جي درخواست رد ڪري ڇڏي
ڪالهه ٻڌڻي دوران بلڊنگ ڪنٽرول جي ڊائريڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته عمارت خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس ڏنو ويو آهي، انشاءَ الله عمارت جلد ڊاهي پٽ ڪبي
جسٽس نديم اختر چيو ته انشاءَ الله چوڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو، آفيسن ۾ ويهي رڳو انشاءَ الله ڪندا رهيا ته ڪجهه نه ٿيندو، اوهان کي عمارت ڊاهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، جيڪڏهن تعميرات جي اجازت نه هئي ته بلڊر اها بلڊنگ ڪيئن ٺاهي؟
ٻڌڻي دوران بلڊر جي وڪيل ٻڌايو ته بلڊنگ کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ ايس بي سي اي سان رابطو ڪيو آهي، آپريشن ڪجهه ڏينهن لاءِ بند ڪيو وڃي
جسٽس نديم اختر ٻڌايو ته ايس بي سي اي کي 7 ڏينهن ۾ عمارت خالي ڪرائي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، بلڊر عمارت جي اپروول جمع به ڪرائي ته اسان ڏنڊ هڻي درخواست رد ڪنداسين
ايس بي سي اي جي وڪيل ٻڌايو ته عمارت جو پاڻي، بجلي ۽ گئس جا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن، جنهن تي جسٽس نديم اختر چيوته جيڪو ڪجهه ڪرڻو اٿئو، وڃي ڪريو، ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪريو، عدالت بلڊر جي عمارت ڊاهڻ کان روڪڻ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي