ڪراچي اصل پاڪستان هو، خبر ناهي شهر کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي

آگسٽ 23, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي اصل پاڪستان هو، جتي هر ٻولي هئي، هر نسل جا ماڻهو هئا

واپارين سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي، نئين ڪراچي جي شروعات ٿيندي، نئين پاڪستان جي شروعات ٿيندي

هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي اصل پاڪستان هو، چيو ويندو هو ته پاڪستان ڏسڻو هجي ته ڪراچي اچو،  هن چيو ته هڪٻئي جو مال نه کائو، ڪوشش ڪنداسين سٺي طريقي سان خدمت ڪريون

Leave A Comment