| ڪراچي اغوا ڪيس: عمر قيد آيل 3 جوابدارن جي سزا ختم: آزاد |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اغوا واري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا آيل 3 جوابدارن امجد جاويد عرف چوڌري امجد، ممريز حسين ۽ ظهور الاهي جي اپيل منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت 10 آگسٽ 2024ع تي جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، ڪيس جي فريادي جو چوڻ آهي ته جوابدارن پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ ڄاڻائي17 جون 2023ع تي کيس گهران اغوا ڪيو هو، مونکي نامعلوم هنڌ تي وٺي وڃي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو، هوڏانهن جوابدارن جي وڪيل چيو ته واقعي جو ڪيس هڪ مهيني بعد داخل ڪرايو ويو، فريادي پڻ جوابدارن کي سڃاڻڻ ۾ به ناڪام رهيو، پوليس جو چوڻ آهي واقعي جو ڪيس گلبرگ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.