| ڪراچي : امتياز سپر اسٽور کي خوفناڪ باهه وڪوڙي وئي: ماڻهن ۾ ڀاڄ: شڪي سوگهو |
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن جي زم زمه اسٽريٽ تي واقع امتياز سپر اسٽور کي اوچتو خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، باهه جي اطلاع تي فائر برگيڊ جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، فائر برگيڊ اختيارين موجب باهه وسائڻ لاءِ 6 گاڏين حصو ورتو، اسٽور جي بيسمينٽ ۾ گهڻي دونهين ۽ اونداهي سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ابتدائي ڄاڻ موجب بيسمينٽ ۾ لڳل باهه گرائونڊ فلور تائين پکڙجي وئي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته بيسمينٽ تائين پهچڻ لاءِ دروازن کي ڪٽر ذريعي ڪٽيو ويو، باهه لڳڻ جا ڪارڻ فوري طور معلوم نه ٿي سگهيا، هوڏانهن چيف فائر آفيسر همايون خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فائر برگيڊ کي صبح 6 وڳي باهه جو اطلاع مليو، جنهن بعد صدر اسٽيشن تان فوري طور گاڏيون روانيون ڪيون ويون. هن ٻڌايو ته شروعاتي طور تي بيسمينٽ ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، بعد ۾ گرائونڊ فلور تي به ڪجهه هنڌن تي باهه پکڙجي وئي هئي، باهه لڳڻ وقت اسٽاف موجود نه هو. چيف فائر آفيسر موجب شروعاتي طور تي خبر پئي ته اي ٽي ايم ۾ باهه لڳي هئي، اسٽور جي عملي پهرين باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر فالس سيلنگ سبب باهه تيزي سان پکڙجي وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته دونهون تمام گهڻو هو، جنهن ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ٻئي طرف اسٽور ٻاهران هڪ مشڪوڪ ماڻهو کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، اسٽور جي گارڊز مشڪوڪ شخص کي عمارت جي بيسمينٽ ڀرسان پڪڙي پوليس حوالي ڪيو.
ميئر مرتضيٰ وهاب پاران باهه واقعي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان
ڪراچي: ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو. هن ٻڌايو ته باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، ميئر فائر فائٽرز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي.
اسٽور مان 24 ماڻهن کي محفوظ حالت ۾ٻاهر ڪڍيو: ايسراڻي
ڪراچي: زم زمه وٽ سپر اسٽور کي باھ لڳڻ واري واقعي جو بحالي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي معاملي جي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي، ان حوالي سان هن چيو ته باھ لڳڻ جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 سميت ٻين ادارن جا عملدار فوري واقعي واري هنڌ پهتا، هن چيو ته عمارت مان 24 ماڻهن کي ڪامياب ريسڪيو آپريشن ذريعي محفوظ حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪئي وڃي.