| ڪراچي انٽر بورڊ جي نتيجن ۾ فراڊ: اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد خلاف چالان پيش |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڪراچي انٽر بورڊ جي انٽرميڊيٽ وارن امتحانن جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ۽ جعلسازي ڪيس واري اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين ۽ ٻين جا چالان پيش ڪري ڇڏيا، عدالت چالان منظور ڪندي سمورن جوابدارن کي ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون، عدالت انٽربورڊ جي آءِ ٽي ڊائريڪٽر کي جوابدار شامل ڪرڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي، جڏهن ته اڳوڻي ڪنٽرولر ظهير ڀٽو ۽ حارث فاروقي کي بيگناهه قرار ڏيڻ واري رپورٽ به منظور ڪري ورتي، ياد رهي ته 2 فيبروري 2023 تي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي رپورٽ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن 2022 ۽ 2023 جي پري ميڊيڪل امتحانن جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪئي، عدالت چيو ته 8 جنوري 2026 تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.