ڪراچي انٽر بورڊ جي نتيجن ۾ هيراڦيري: چيئرمين ۽ سيڪريٽري کي هٽايو ويو: ڪاميٽي قائم
نومبر 24, 2023
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)ڪراچي انٽر بورڊ جي نتيجن ۾ هيراڦيري تان بورڊ چيئرمين ۽ سيڪريٽري کي هٽائڻ جو حڪم، نگران وڏي وزير پاران معاملي جي انڪوائري لاءِ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي سربراھه جي اڳواڻي ۾ ڪاميٽي به قائم
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي انٽر بورڊ ۾ ٻارهين ڪلاس جي نتيجن ۾ ڦيرڦار وارو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ ۽ سيڪريٽري ڪاشف صديقي کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نسيم ميمڻ کي رهيل مُدي تائين لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ ۾ ذميواريون نڀائڻ جي هدايت ڪئي وئي، اهڙي طرح انٽر بورڊ جي سيڪريٽري ڪاشف صديقي کي هٽائي پنهنجي اصل عهدي تي موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي
امتحاني نتيجن ۾ ڦيرڦار واري معاملي تي وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي سربراھه رفيق ٻرڙو جي سربراهي هيٺ انڪوائري ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، انڪوائري ڪاميٽي ۾ ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ کي پڻ ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ڪاميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري 14 ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ڪاميٽي کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته انٽر بورڊ ۾ مالي بي ضابطگين جي الزامن ۽ سالياني امتحاني پيپرن جو به جائزو ورتو وڃي، هيراڦيري ڪندڙ عملي جي به انڪوائري رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وڃي
هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب ڪراچي انٽر بورڊ جي هٽايل چيئرمين نسيم ميمڻ جو 30 جون 2024 تي مُدو مڪمل ٿيندو، نگران وڏي وزير پاران کيس ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين واري عهدي تان هٽائي کيس لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ ۾ 30 جون تائين چيئرمين طور ذميواريون نڀائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين واري عهدي تي ويٺل سڪندر علي ميرجت کي هٽائي کيس پنهنجي اصل عهدي انسپيڪٽر آف انسٽيٽيوشن تي واپس اماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي