ڪراچي: انڌي گولي لڳل دوست جو لاش اسپتال پهچائيندڙ نوجوان کنڀجي ويو: ڇاپو: آزاد 

ڪراچي: انڌي گولي لڳل دوست جو لاش اسپتال پهچائيندڙ نوجوان کنڀجي ويو: ڇاپو: آزاد 

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ انڌي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل دوست جو لاش اسپتال پهچائيندڙ نوجوان کي پوليس طرفان گم ڪرڻ ۽ آزادي لاءِ پئسا گهرڻ جا الزام، جوڊيشل مئجسٽريٽ جو ٿاڻي تي ڇاپو، نوجوان جي گاڏي هٿ، ڇاپي بعد نوجوان گهر پهچي ويو. ان ڏس ۾ وارثن الزام هنيو ته عمر انڌي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل دوست جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو هو. وارثن موجب سعدي ٽائون چوڪي جو انچارج ممتاز چانڊيو چار ڏينھن اڳ رات جي وقت گھر ۾ گھڙي عمر کي اغوا ڪيو، پوليس گھر ۾ پيل قيمتي سامان، سونا زيور، گھڙي ۽ ٻيو سامان به کڻي  ڪار به ڪاهي وئي، نوجوان جرمني ۾ پڙھندو ھو، جيڪو واپس ڪراچي آيوهو، سب انسپيڪٽر ممتاز چانڊيو نوجوان جي آزادي لاءِ ٻن ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو، اسان چوڪي انچارج جي خاص ماڻھو وسيلي ٻه لک رپيا ڏنا، وارثن عدالت سان رجوع ڪيو، مئجسٽريٽ ٿاڻي تي ڇاپو هنيو ته نوجوان جي گاڏي بيٺل هئي. اهڙي ڇاپي بعد نوجوان کي آزاد ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچي ويو. وارثن آءِ جي سنڌ کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي