ڪراچي (م ڊ) ايئرپورٽ تي هڪ مسافر وٽان 100 تولا سون جون 10 سِرون برآمد ٿيون.ايف بي آر موجب پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سمگلنگ جون ٻه ڪوششون ناڪام بڻائي ڇڏيون، جنهن ۾ 100 تولا سون ۽ 11 هزار 900 آمريڪي ڊالر ضبط ڪيا ويا.اختيارين ٻڌايو ته سمگلنگ جي ٻنهي ڪيسن ۾ مجموعي ماليت 5 ڪروڙ 6 لک 82 هزار رپيا آهي، سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي دبئي ۽ استنبول ويندڙ مسافرن وٽان برآمد ٿي.ڪسٽمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
مڪران جي سامونڊي علائقن ۾ پاڻي غير معمولي سائو ٿي ويو
ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي ساموندي علائقي ۾ پاڻي غير معمولي سائو ٿي ويو. ماحوليات واري ڊپٽي سيڪريٽري موجب گواد، پسني، جيواني ۽ اورماڙا ۾ الجي جمع ٿيڻ سبب پاڻي سائو ٿي ويو.