ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ شاهد جو بيان کان انڪار

ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ شاهد جو بيان کان انڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايئرپورٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جيل اختيارين جوابدار گل نساءَ ۽ جاويد کي عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن پنهنجي شاهد جو نالو واپس وٺي ڇڏيو، پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته اسان شاهد جو بيان رڪارڊ ڪرڻ نٿا چاهيون، تنهن ڪري شاهد جو نالو لسٽ مان ڪڍيو وڃي. پراسيڪيوشن جي درخواست آهي ته واقعي ۾ تباهه ٿيل گاڏين کي عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهجي، اتي وڃي معائنو ڪري سگهجي ٿو، عورت جي وڪيل صفيه چيو ته جوابدار عورت هڪ گهريلو عورت آهي، جڏهن ته جوابدار جاويد هڪ يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهيو آهي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ياد رهي ته ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ هڪ چيني شهري سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا هئا.