ڪراچي ايئرپورٽ لڳ ڪروڙن جي 4 ايڪڙ زمين جو جعلي کاتو ٺاهي بلڊر کي ڏيڻ جو انڪشاف

جنوري 8, 2025

ملير (رپورٽ: حسن ٽڳڙ) ملير انتظاميا پاران ڪراچي ايئرپورٽ لڳ ڪروڙين رپين جي 4 ايڪڙ زمين جو جعلي کاتو ٺاهي بلڊر کي ڏيڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ ملير ضلعي ۾ ڪراچي ايئرپورٽ لڳ ڪروڙين رپين جي ماليت جي 4 ايڪڙ زمين جو جعلي کاتو داخل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو ڦاٽ ڦاٽڻ بعد  اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊائريڪٽر انڪوائريز 2  پاران بورڊ آف روينيو  جي سينيئر ميمبر کي 19 نومبر تي خط لکي 4 ايڪڙ زمين جي جعلي کاتي بابت تفصيل گهريا ويا، اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب  روينيو آفيسرن جعلي داخلا رکي اها زمين بلڊر کي وڪرو ڪئي هئي، ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ايئرپورٽ، مختيارڪار ۽ لاڳاپيل تپيدار کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ذريعن ٻڌايو ته بورڊ آف روينيو پاران جواب نه موڪلڻ جي صورت ۾ چيف سيڪريٽري کي ڪارروائي جي سفارش ڪئي ويندي، ٻئي طرف”پنهنجي اخبار“ پاران ڊي سي ملير سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي .

Leave A Comment