ڪراچي ايئر پورٽ تان ڪوئا پڪڙڻ لاءِ ايف آءِ اي انسپيڪٽر مقرر ! 

ڪراچي ايئر پورٽ تان ڪوئا پڪڙڻ لاءِ ايف آءِ اي انسپيڪٽر مقرر ! 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي جي هڪ آفيسر کي واش رومن جي صفائي، سيوريج نظام جي نگراني ۽ ڪوئا پڪڙڻ جي ذميواري سونپي وئي، اهو آفيسر هر ڪلاڪ تي صفائي جي رپورٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي پيش ڪندو، اهڙو آرڊر ڊپٽي ڊائريڪٽر اميگريشن شهزاد اڪبر پاران جاري ڪيو ويو آهي, ڊائريڪٽر ڪراچي منتظر مهدي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر منور مهدي کي ايئرپورٽ تي مقرر ڪيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر هڪ نئين عهدي جو بنياد رکي کيس ايڊمن انچارج ڪري ڇڏيو, ڄاڻايل آفيسر اميگريشن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ۾ ڪوئن تي نظر رکندو