ڪراچي: اين سي ايڇ ڊي استادن پاران سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش: پوليس روڪي ورتو

ڪراچي: اين سي ايڇ ڊي استادن پاران سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش: پوليس روڪي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ اين سي ايڇ ڊي  استادن پاران سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش، پوليس روڪي ورتو،نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) جي فيڊر استادن ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي، پوليس رڪاٽون وجهي کين ريڊ زون م داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو، تعليم جي اختيارين سان اڄ ملاقات ڪرائڻ جي خاطري بعد اهي پريس ڪلب موٽي آيا، ان موقعي تي استادن چيو ته اهي تعليم کاتي جي ناانصافين خلاف دانهن کڻي آيا آهن، 22 سالن کان تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ باوجود کين اڃا تائين مستقل نه ڪيو ويو آهي، جيڪو سراسر ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اين سي ايڇ ڊي جي فيڊر استادن کي سرڪاري ملازمن جهڙا سمورا حق ۽ سهولتون ڏنيون وڃن، رٽائرمينٽ جي عمر 60 سال مقرر ڪئي وڃي، سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشن پاليسي فوري طور لاڳو ڪئي وڃي ۽ سڀني استادن کي پرسنل آءِ ڊيز جاري ڪيون وڃن. استادن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري قانون تحت سندن ماهوار پگهار 55626 رپيا مقرر ڪئي وڃي، جنوري 2025ع کان رهيل بقايا ادا ڪئي وڃي