| ڪراچي: ايڪتا ريلي دوران گرفتار 12 ڪارڪنن جون ضمانتون منظور: آزادي جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان ايڪتا ريلي دوران گرفتار12 ڄڻن جون ضمانتون منظور، آزادي جو حڪم، ان ڏس ۾ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي عدالت ايڪتا ريلي دوران گرفتار ڪيل 12 ڪارڪنن شهزور، سلمان، شمن علي، ارشاد، زبير، علي محمد، عبيدالله، ذوالفقار علي، ساجد حسين، اويس ۽ اطهر علي جون 50,50 هزارن جي مچلڪن عيوض ضمانتون منظور ڪري ورتيون، ياد رهي ته گذريل ڏينهن عدالت پاران 12 ڄڻن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪارڪنن تي شاهراهه فيصل کي بلاڪ ڪرڻ ۽ نجي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو الزام هو. پوليس 12 ڪارڪن گرفتار ڪري دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا هئا.