| ڪراچي ايڪتا ريلي: 12 ڪارڪن پيش: جاچ آفيسر غائب: ڪارڪن جيل حوالي |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) جوڊيشل ميجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ڪراچي ۾ ايڪتا ريلي دوران گرفتار ڪيل 12 ڄڻن کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، انهي کان اڳ عدالت ڪارڪنن جو وڌيڪ ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، انهي دوران جاچ آفيسر 12 ڪارڪنن جي ڪسٽڊي وٺڻ بنا عدالت مان غائب ٿي ويو، اهڙي صورتحال بعد وڪيلن پاران نظر ثاني اپيل داخل ڪرائي وئي، جنهن بعد عدالت ڪارڪنن کي جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ لڳايل دهشتگردي جا قلم ختم ڪندي ڪارڪنن کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پوليس ڪارڪنن کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪري هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ورتو هو، ڪالهه رمانڊ ختم ٿيڻ تي ڪارڪنن شهزور، سلمان، شمن علي، ارشاد، زبير احمد، علي محمد، عبيدالله، ذوالفقار علي، ساجد حسين، اويس ۽ اطهر علي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
| غني امان ۽ سرمد جي سومر تائين ضمانت بحال |
ڪراچي: سنڌ هاءِڪورٽ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي سومر تائين ضمانت بحال ڪري ڇڏي، ياد رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت سرڪاري وڪيل جي درخواست تي غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت رد ڪئي هئي، جنهن بعد وڪيل پرور چانڊيو، حبيب الرحمان، شمس چانڊيو ۽ ٻين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ضمانت بحال ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، انهي درخواست تي عدالت غني امان ۽ سرمد جي ضمانت سومر تائين بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.