ڪراچي ايڪسپورٽ زون ۾ لُنڊا ڪپڙن جي فيڪٽري کي خوفناڪ باهه: لکن جو نقصان 

ڪراچي ايڪسپورٽ زون ۾ لُنڊا ڪپڙن جي فيڪٽري کي خوفناڪ باهه: لکن جو نقصان 

ملير/ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ واقع لُنڊي وارن ڪپڙن جي فيڪٽري کي باهه، لکين رپين جو نقصان، ان ڏس ۾ زيڊ انٽرپرائيزز جي لُنڊي وارن ڪپڙن جي فيڪٽري کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو، باهه وسائڻ لاءِ 8 فائر برگيڊ گاڏين ۽ 2 اسنارڪلن کي گهرايو ويو هو، باهه واري هنڌ موجود   انچارج فائر فائٽنگ مصلح الدين صحافين کي ٻڌايو ته لنڊي جي ڪپڙي جي فيڪٽري کي باهه ٻئي فلور تان لڳي، متاثر فيڪٽري جي ٽئين فلور تي باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي،  هن ٻڌايو ته باهه سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، ياد رهي ته ايڪسپورٽ پرسيسنگ زون ۾ هلندڙ سال باهه جو 7 واقعو پيش آيو آهي