ڪراچي بار جون چونڊون اڱاري تي ٿينديون، رٽرننگ آفيسر مقرر

ڪراچي بار جون چونڊون اڱاري تي ٿينديون، رٽرننگ آفيسر مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار جون چونڊون 23 ڊسمبر تي ٿينديون، چونڊن لاءِ سينيئر قانوندان حق نواز ٽالپر کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو، ياد رهي ته اليڪشن ڪمشنر نعيم ميمڻ جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون, جنهن بعد ڪراچي بار جي ميمبرن نئين ريٽرننگ آفيسر جي مقرري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست ڪئي هئي، جنهن بعد حق نواز ٽالپر کي چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري سونپي وئي، وڪيلن جو چوڻ آهي ته نئين اليڪشن ڪمشنر سان چونڊن ۾ مثبت نتيجا سامهون ايندا