| ڪراچي بار جو چونڊون ملتوي: ميتلي جا وڙائچ تي الزام |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار جو چونڊون رٽرننگ آفيسر سيشن جج نعيم مميڻ جي طبيعت خرابي سبب ملتوي ٿي ويون، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان حسيب جمالي، رحمان ڪورائي ۽ ٻين وڪيلن جي ملاقات بعد اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اليڪشن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، هوڏانهن ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ چيو آهي ته بار جي اليڪشن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين، ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر سرفراز ميتلو اليڪشن نه ٿيڻ جو ذميوار ڪراچي بار کي قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته نئون رٽرننگ آفيسر مقرر ڪري اليڪشن ڪرائي وڃي.