| ڪراچي بار جي چونڊ ۾مداخلت ڪيئن ڪريون؟ فيصلو محفوظ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ دير ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چونڊن ۾جنرل سيڪريٽري جي اميدوار ممتاز تنولي پاران داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪراچي بار جو جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي پيش ٿيو، عدالت ڪراچي بار جي چونڊن بابت فيصلو محفوظ ڪندي چيو ته فيصلو جلد ٻڌايو ويندو, عدالت درخواست گذار کان پڇيو ته عدالت بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ مداخلت ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ جنهن تي سندس وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي بار جي موجوده ڪابينا جو مدو 31 ڊسمبر تي ختم ٿي چڪو آهي، انهي ان کانپوءِ سنڌ بار ڪائونسل کي ٽيڪ اوور ڪرڻ گهرجي ها پر چونڊن جي تاريخ بابت ڪنهن کي به ڪا ڄاڻ ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، عدالت بار جي چونڊن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، عدالت پٽيشنر کي صلاح ڏني ته هو پاڪستان بار ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪرائي درخواست گذار ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري کي به ڌر بڻايو ويو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته بار هڪ آزاد ايسوسيئيشن آهي، حڪومت جو بار ايسوسيئيشن جي چونڊن سان ڪو واسطو ناهي، ان موقعي تي ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي چيو ته بار چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.