| ڪراچي بار جي چونڊ 7 مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان: عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ: ميڙاڪو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان بار ڪائونسل پاران ووٽر لسٽن تي اعتراضن وارو مامرو ڄاڻائي ڪراچي بار جون 14 فيبروري تي رٿيل چونڊون عيد تائين ملتوي ڪرائڻ خلاف وڪيلن سٽي ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪري جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺايو، جنهن کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪراچي بار 26 ۽ 27 هين ترميمن، ڪئنالن توڙي سنڌ جي مسئلن تي هميشه آواز اٿاريندي رهي آهي، اسان جي آواز کي دٻائڻ لاءِ نام نهاد ڪاميٽي ويهاري ڪراچي بار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل بنا جواز جي چونڊون روڪرايون آهن، هن چيو ته بار جي جنرل باڊي طئه ڪيو ويو آهي ته ڪراچي بار جون چونڊون 7 مارچ تي ٿينديون، هن چيو ته اسان وڪيل اجمل سولنگي کي ساراهيون ٿا جنهن ڪاميٽي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچي بار جي اڳوڻي جبرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي چيو ته ڪراچي بار آزاد هئي ۽ آزاد رهندي، هي حڪمرانن نه پر ڪاري ڪوٽ وارن جي بار آهي، هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي جو سنڌ اسيمبلي ۾ وڪيلن جي باري ۾ ڳالهايو ٿو وڃي، جنرل باڊي کي وڪيل حسيب پنهور، بيئريسٽر ارشد شر سميت ۽ ٻين خطاب ڪيو.