| ڪراچي بار پاران اڄ آءِ جي آفيس تائين ريلي جو اعلان |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئشن جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته آءِ جي سنڌ اربع تي ساڍا 12 وڳي ڪراچي بار پهچي وڪيل اشفاق ٻرڙو وارو مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، انتظار باوجود آءِ سنڌ جاويد عالم اوڍو ڪراچي بار نه پهتو, هن چيو ته اسان آءِ جي جي خاطري سبب احتجاج جي ڪال واپس ورتي هئي، اڄ سٽي ڪورٽ کان آءِ جي آفيس تائين پر امن ريلي ڪڍي ويندي