| ڪراچي بار چونڊ: وڪيل اڳواڻن جي چيف جسٽس سان ٻي ملاقات |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار جي چونڊن لاءِ رٽرننگ آفيسر جي مقرري بابت وڪيل اڳواڻن عامر نواز وڙائچ، حسيب جمالي، رحمان ڪورائي ۽ ارشد شر 48 ڪلاڪن اندر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ٻي ملاقات ڪئي، ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ ميڊيا کي ٻڌايو ته چيف جسٽس چيو آهي ته ڪراچي بار جون چونڊون ڇنڇر تي ممڪن ناهن، اليڪشن ڪاميٽي جا ميمبر جج حيدرآباد ۽ سکر بينچز ۾ آهن، انهن سان ميٽنگ بعد ئي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪري سگهبو، هن چيو ته اسان چيف جسٽس کي استدعا ڪئي آهي ته ڪاميٽي جي جلد ميٽنگ سڏرائي چونڊن لاءِ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪراچي بار جي اميدوارن پاران چيف جسٽس کي چونڊن لاءِ 21، 22 ۽ 23 ڊسمبر جون تاريخون ڏنيون ويون آهن، اميد آهي ته چيف جسٽس فوري طور رٽرننگ آفيسر مقرر ڪندو