| ڪراچي بار چونڊ: ڌانڌلي ۽ هنگامي جو ڪيس داخل |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار جي چونڊن واري تڪرار تان قانوني ويڙهه شروع: ڌانڌلي ۽ هنگامي جو ڪيس به داخل، ان ڏس ۾ ڪراچي بار ايسوسيئشن جي چونڊن ۾ ڌاندلين خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي ملازم جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو, ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 7 مئي تي چونڊن دوران ساڍي 10 وڳي ڌانڌلي جو گوڙ ٿيو، 30 کان 40 وڪيلن پاران بيلٽ پيپرز زبردستي ڦر ڪري نعريبازي شروع ڪئي، ويسٽ ڪورٽ کان پولنگ مواد ڦري ٻئي ضلعي ۾ پولنگ به بند ڪرائي وئي, وڪيلن ۽ شرپسندن گار گند ڪندي چونڊ عمل کي متاثر ڪيوهوڏانهن سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ سنڌ بار ڪائونسل پاران ڪراچي بار ايسوسيئشن جي چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي,