ڪراچي بار  چونڊ: 17 جنوري جي ٽين تاريخ مقرر: اعتراض

ڪراچي بار  چونڊ: 17 جنوري جي ٽين تاريخ مقرر: اعتراض

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار جي چونڊ لاءِ 17 جنوري جي ٽئين تاريخ مقرر: اعتراض، ان ڏس ۾اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل رٽرننگ آفيسر سينيئر وڪيل حق نواز ٽالپر ڪراچي بار جون 23 ڊسمبر تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪري17 جنوري واري نئين تاريخ مقرر ڪئي آهي، هوڏانهن ڪراچي بار جي صدر عامر نوز وڙائچ 17 جنوري واري تاريخ تي اعتراض واري مقرر ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي تاريخ تبديل ڪرڻ گذارش ڪري ڇڏي، خط ۾ چيو ويو آهي ته 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه آهي، سوين وڪيل سالگرهه ۾ شرڪت لاءِ ويندا, جيڪي پنهنجي ووٽ واري حق کان محروم ٿي ويندا, خط ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن لاءِ 17 جنوري کان اڳ يا بعد جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي