| ڪراچي: بجلي بلن ذريعي ميونسپل ٽيڪس وصولي خلاف دليل طلب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ بجلي بلن ذريعي ميونسپل ٽيڪس وصولي خلاف داخل درخواست تي وڪيلن کان 14 جنوري تي حتمي دليل طلب ڪري ورتا، درخواست گذار جي وڪيل طارق منصور عدالت کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي ڪي اليڪٽرڪ ذريعي 264 ڪروڙرپيا گڏ ڪري چڪي آهي، هاءِ ڪورٽ 29 مئي 2024ع واري حڪم ۾ قرار ڏئي چڪي آهي ته ڪي ايم سي پاران اها وصولي عارضي آهي، هن چيو ته ميونسپل ٽيڪس جي وصولي سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2013ع جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته نيپرا پڻ ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪي ايم سي جي ٽيڪس وصولي کي غيرقانوني قرار ڏئي چڪي آهي.