ڪراچي: برساتن ۾2 ڀائرن جي فوتگي جو ڪي اليڪٽرڪ چيف ذميوار قرار

ڪراچي: برساتن ۾2 ڀائرن جي فوتگي جو ڪي اليڪٽرڪ چيف ذميوار قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گذريل برساتن دوران ناٿا خان ڳوٺ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڀائرن 10 ورهين جي سراج ۽ 20 ورهين جي مراد جي فوتگي جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ قرار، ان ڏس ۾ پوليس ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي سميت اعلي’ آفيسرن خلاف داخل ڪيس جي شروعاتي رپورٽ مقامي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2 فوتي ڀائرن جي پيء سلطان جي فرياد تي شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ غفلت ۽ لاپرواهي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن, واقعي جو ذميوار سي اي او ڪي اليڪٽرڪ  ۽آءِ بي سي شاهه فيصل جي آفيسرن کي قرار ڏنو ويو آهي