ڪراچي: بس اڏا ۽ بڪنگ آفيسون غير قانوني قرار: پارڪنگ ۽  قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ  ايم نائين موٽروي تي مسافر بسُن جي اڏيل بوڪنگ آفيسن کي سيل ڪرڻ خلاف داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون، عدالت غيرقانوني پارڪنگ ۽ قبضا فوري طور ختم ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته سرڪاري زمين کي ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو ڪنهن کي ڪو به حق ناهي، درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته اهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان الآصف اسڪوائر ڀرسان بس اڏن ذريعي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت پاران بس ٽرمينل ٺاهڻ جو واعدو ڪرڻ باوجود بڪنگ آفيسون سيل ڪيون ويون، سرڪاري عملدار خانگي بس ٽرمينل کي فائدو پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽرن کي زبردستي اتي منتقل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار سروس لينز تي بس اڏا ۽ بڪنگ آفيسون هلائي رهيا هئا، عدالت اڳ ئي واضح ڪري چڪي آهي ته بسون صرف منظور شده ٽرمينلز تان هلائي سگهجن ٿيون, عدالت چيو ته ڪنهن به فرد يا اداري کي سرڪاري زمين تي واپاري سرگرمين جو حق حاصل ناهي, عدالت وڌيڪ چيو ته ڊگهي عرصي تائين زمين جو استعمال ڪرڻ سان  ڪو قانوني حق پيدا نٿو ٿئي، روٽ پرمٽ رڳو گاڏين جي اچ وڃ جي اجازت ڏئي ٿو، روٽ پرمٽ سان بس اڏو يا بڪنگ آفيس قائم ڪرڻ جو حق حاصل نٿو ٿئي، ٽرمينل قائم ڪرڻ بابت حڪومتي واعدو قانون جي ڀڃڪڙي جو جواز نٿو بڻجي سگهي، عدالت وڌيڪ چيو ته سرڪاري ادارن پاران قبضا ختم ڪرڻ واري مهم جو مقصد ٽريفڪ جي بهتري آهي, عدالت هدايت ڪئي ته درخواستگذار منظور شده ٽرمينلز تان پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهن ٿا،عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين اختيارين کي هدايت ڪئي ته غيرقانوني پارڪنگ ۽ قبضا فوري ختم ڪرايا وڃن، عدالت خبردار ڪيو ته جيڪڏهن قبضا ختم نه ڪيا ويا ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.