ڪراچي: بلوچ يڪجھتي ڪاميٽي جو احتجاج: پريس ڪلب کي ڪڙو: 15 گرفتار: ٽريفڪ جام

مارچ 25, 2025

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بلوچ يڪجھتي  ڪاميٽي جو احتجاج: 15 گرفتار، ان ڏس ۾ بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي ڪارڪنن جو وڏو انگ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪرڻ لاءِ اچي رھيو ھو ته پوليس فوهارا چوڪ تي مظاهرين کي روڪي گرفتاريون شروع  ڪري ڇڏيون، ساڳئي وقت زينب مارڪيٽ واري پاسي کان سمي دين محمد بلوچ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب طرف وڌندڙ سميع دين محمد سميت ڪيترن ئي عورتن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ھوڏانھن احتجاج ڪري پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ روڊن کي بند ڪيو ويو، جنهن سبب شهرن جي مک روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن ڪري شهرين کي ڏکيايون پيش آيون، ھوڏانھن ڪمشنر هڪ رات اڳ نوٽيفڪيشن ذريعي شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪري مظاهرن ۽ ريلين تي پابندي هنئي هئي هوڏانهن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوليس سول سوسائٽي ۽ بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي احتجاج تي لٺبازي ڪري سمي بلوچ سوڌو هڪ درجن کان وڌيڪ عورت ۽ مرد ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، بيان موجب بلوچستان ۾ ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ ۽ بيبو بلوچ جي غيرقانوني گرفتاري خلاف احتجاج تي سنڌ پوليس لٺبازي ڪري سمي بلوچ، لالا وهاب بلوچ، سوڌو هڪ درجن کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Leave A Comment