| ڪراچي بليوز جي مرزا سعد بيگ فرسٽ ڪلاس ۾ 1000 رنسون ٺاهي ورتيون |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي جي مرزا سعد بيگ پاڪستان جي سڀ کان وڏي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ قائد اعظم ٽرافي 2025 سيزن ۾ 1,000 رنسن جو سنگ ميل پار ڪري ورتو. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان انڊر 19 جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪراچي بيلوز لاءِ اوپنر طور 10 ميچون کيڏيون. هو 19 اننگز ۾ هڪ ڀيرو ناقابل شڪست رهيو، 55.55 جي شرح سان 1,000 رنسون ٺاهيون. کاٻي هٿ جي بيٽسمين سيزن ۾ 1,480 بالن تي چار سينچريون ۽ ٽي ففٽيون اسڪور ڪيون. جنهن دوران مرزا سعد بيگ 135 چوڪا ۽ 13 ڇڪا هنيا.