ڪراچي بليوز جي ڏهين ڪاميابي، قائد اعظم ٽرافي فائنل ۾ سيالڪوٽ کي 218 رنسن تان شڪست

ڪراچي بليوز جي ڏهين ڪاميابي، قائد اعظم ٽرافي فائنل ۾ سيالڪوٽ کي 218 رنسن تان شڪست

لاهور(اسپورٽس نيوز) ڪراچي بليوز پاڪستان جي پريميئر فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ قائد اعظم ٽرافي جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. قذافي اسٽيميم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ ڪراچي بليوز دفاعي چيمپيئن سيالڪوٽ کي 218 رنسن سان شڪست ڏني. ڪراچي بليوز سيالڪوٽ کي 533 رنز جو هدف ڏنو جواب ۾ سيالڪوٽ جي پوري ٽيم 314 تي ڍير ٿي وئي. سيالڪوٽ ميچ جي آخري ڏينهن 12 رنسون بنا ڪنهن نقصان تان اننگز شروع ڪئي ۽ 314 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. افضل منظور 63، عبدالله شفيق 59 ۽ حمزا نذر 56 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڪراچي جي ثاقب خان 5 وڪيٽون ورتيون. اهڙي ريت ڪراچي بليوز ڏهون ڀيرو قائدِ اعظم ٽرافي کٽي، جڏهن ته مجموعي طور تي ڪراچي 22هين ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪامياب رانديگرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون. عبدالله فضل کي ميچ جو بهترين رانديگر، سعد بيگ کي ٽورنامنٽ جو بهترين وڪيٽ ڪيپر، بهترين بيٽر ۽ ٽورنامنٽ جو بهترين رانديگر، جڏهن ته ملتان جي علي عثمان کي ٽورنامنٽ جو بهترين بالر قرار ڏنو ويو. ٽورنامينٽ جي فاتح ڪراچي بليوز کي 75 لک رپيا رنراپ سيالڪوٽ ريجن جي ٽيم کي 40 لک رپيا ڏنا ويا.