ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ منصوبي لاءِ 8 ارب 20ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز

جُون 10, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ)وفاقي بجيٽ ۾ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ منصوبي لاءِ 8 ارب 20ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي،

وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ اهم ترقياتي منصوبن لاءِ اربين رپين جا فنڊ مختص ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.

سرڪاري دستاويزن موجبڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ لاءِ 8 ارب 20 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد شهر کي صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي.

اهڙي طرح ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ روڊن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ 2.5 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، ته جيئن صنعتي ٽرئفڪ جي وهڪري کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ تجارتي سرگرمين کي آسان بڻائي سگهجي.

وفاقي بجيٽ ۾ شهر جي سڀ کان اهم ۽ دير سان هلندڙ ڪي-4 منصوبي لاءِ 9.4 ارب رپين جي وڏي رقم مختص ڪرڻ جي تجويز پڻ آهي، جنهن جو مقصد ڪراچي کي ڊگهي مدت جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي.

حڪومت جو موقف آهي ته انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي رليف ملندو ۽ معيشت مضبوط ٿيندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار