ڪراچي: بندش پيل ايس آر اي جو ڪارڪن گرفتار: باروڊ هٿ 

ڪراچي: بندش پيل ايس آر اي جو ڪارڪن گرفتار: باروڊ هٿ 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي  هٿان  پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪارڪن گرفتار، رينجرز ترجمان موجب حب رور روڊ تي قائم رينجرز چيڪ پوسٽ وٽان پابندي مڙهيل تنظيم سنڌو ديش ريپبلڪن آرمي سان واسطو رکندڙ انتهائي گهربل دهشتگرد عبدالجبار سرڪي کي گرفتار ڪري هٿيار ، ڊيٽونيٽر، بال بيرنگ ۽ ڌماڪيدار مواد  هٿ ڪيو ويو آهي، جبار 2020ع ۾ ايس آراي  ڪمانڊر سجاد شاهه جي گروهه ۾ شامل ٿيو هو، جيڪو ڪراچي سميت  صوبي جي ٻين شهرن ۾ تخريبڪاري جي مختلف ڪاررواين ۾ ملوث رهيو آهي،