ڪراچي: بهاولپور واسڻ ۽ سندس 2 ٻارن جا گوليون لڳل لاش هٿ: مڙس تي شڪ

ڪراچي: بهاولپور واسڻ ۽ سندس 2 ٻارن جا گوليون لڳل لاش هٿ: مڙس تي شڪ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گهر مان عورت ۽ سندس ٻن ٻارن جا گوليون لڳل لاش، گهرو وزير نوٽيس ورتڪو ئو، ان ڏس ۾ بلديه جي سعيدآباد جي علائقي ۾ نيوَل ڪالوني سيڪٽر 4  جيگهر نمبر 43 مان عورت ۽  سندس 2 پٽن جا لاش مليا ، مقتوله جي سڃاڻپ 35 ورهين جي سميعه زال شوڪت، سندس پٽن جي سڃاڻپ 14 ورهين جي شمروز  ۽ 12 ورهين جي مهروز  طور ٿي،  پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو تعلق بهاولپور سان آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گهر کي سيل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ابتدائي اطلاع ڏيندڙ فهد جي بيان موجب عورت جي پنهنجي مڙس شوڪت کان طلاق ٿي چڪي هئي ، ٻنهي وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ۽ ڪنهن به رخ کي حتمي قرار نٿو ڏئي سگهجي. سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن ۽ جيو فينسنگ سميت جديد ٽيڪنيڪل ذريعا استعمال ڪيا پيا وڃن.  ايس ايس پي ڪياماڙي سنگھار ملڪ لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي آهي، هوڏانهن  ايڌي رضاڪار موجب ٽنهي کي مٿي ۾ هڪ هڪ گولي لڳل هئي، لاش 8 کان 10 ڪلاڪ پراڻا  لڳن ٿا .