ڪراچي جا 4 کنڀيل گهر پهتا: 2 عورتن جو پتو پئجي ويو 

ڪراچي جا 4 کنڀيل گهر پهتا: 2 عورتن جو پتو پئجي ويو 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾کنڀيلن جي بازيابي بابت ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس گم ٿيل 6 ماڻهن جو پتو لڳائي ورتو، پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جمشيد ٽائون ٿاڻي جا محمد آصف ۽ سميع الله، شاهه لطيف ٽائون جو جهانزيب  ۽ رضويه سوسائٽي جو مجيد پڻ گهر پهچي ويا آهن جاچ آفيسر موجب ريما پنهنجي مرضي سان ڪورٽ ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا مان گم ٿيل مسرت ايڌي هوم ۾ موجود آهي.