ڪراچي: جعلي، فينسي ۽ بنا نمبر پليٽ گاڏيون پڪڙڻ ۽ ڪيسن جو اعلان  

ڪراچي: جعلي، فينسي ۽ بنا نمبر پليٽ گاڏيون پڪڙڻ ۽ ڪيسن جو اعلان  

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي پوليس چيف ڇنڇر کان شهر ۾ جعلي، فينسي نمبر پليٽس لڳل ۽ بنا نمبر پليٽ هلندڙ گاڏين خلاف مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو ڪي پي او ۾ سي پي ايل سي چيف زبير حبيب، ايڪسائيز کاتي جي ڊائريڪٽر شبانه بلوچ ۽ ڊي آئي جي ٽريفڪ پير محمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽريڪس سسٽم بعد ٽريفڪ جي نظام ۾ بهتري آئي آهي، عوام به مثبت موٽ ڏني پر ڪجهه شهرين چالان کان بچڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، شهر جي اندر غلط نمبر پليٽس جي استعمال ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته بنا نمبر پليٽس هلندڙ گاڏيون ضبط ڪيون وينديون، جيستائين انهن گاڏين جي نمبر پليٽ نه ايندي ، گاڏي رليز نه ڪبي، ساڳئي  ريت جعلي نمبر پليٽس، ڇيڙ ڇاڙ ٿيل نمبر پليٽس يا گرين نمبر پليٽس لڳل گاڏيون پڻ ضبط ڪري گاڏي مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا، شهر جي  8 ضلعن ۾ 8 ٽيمون ڪم ڪنديون، ٽيمن ۾ سي پي ايل سي ۽ ايڪسائيز کاتي جا نمائندا به شامل هوندا.
 

  ڪراچي ۾ 50 سيڪرو حادثا گهٽيا آهن: پوليس چيف 

ڪراچي: ڪراچي پوليس چيف چيو ته دنيا ۾ حادثا ٿيندا آهن، ڇا اڍائي ڪروڙن جي شهر ۾ ڪو هڪ حادثو به نه ٿيندو؟ هن چيو ته ٽريڪس سسٽم بعد حادثن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. اڳ ۾ڪراچي ۾ مهيني ۾ 90 حادثا ٿيندا هئا، هاڻي 45، 46 حادثا ٿين ٿا. ڊي آئي جي ٽريفڪ ٻڌايو ته 500 گاڏين کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نومبر ۾ 54 شهري حادثن ۾ فوت ٿيا، ٻين مهينن جي ڀيٽ ۾ اها شرح گهٽ آهي. آهستي آهستي حادثا اڃا به گهٽجي ويندا. سي پي ايل سي چيف زبير حبيب چيو ته نظام بهتر ٿيڻ سان ائين  لڳندو ته ڪراچي ۾ نه پر لنڊن ۾ گاڏي هلائي رهيا آهيون.
 

هڪ لک اي چالان جاري ٿيا، 750 سرڪاري گاڏيون چالان ڪيون: اوڍو 
 

ڪراچي: ڪراچي پوليس چيف چيو ته هن وقت تائين 750 سرڪاري گاڏيون چالان ٿيون آهن، 22 مان 15 هزار هيوي گاڏين ۾ ٽريڪر لڳايا ويا آهن، انهن ٽريڪرن ذريعي اسپيڊ چيڪ ڪئي پئي وڃي، هن وقت تائين لڳ ڀڳ هڪ لک اي چالان جاري ڪيا ويا آهن، اسان هر شهري جو پهريون چالان معاف ڪيو آهي، 36 هزار شهرين چالان لاءِ سهولت مرڪز جو دورو ڪيو.