Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kkrsj9le5mrgj48s1ujhqpioci, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪراچي جلسو VS گوجرنوالا جلسو ...پاڪستان ڪنهن سان گڏ آهي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪراچي جلسو VS گوجرنوالا جلسو ...پاڪستان ڪنهن سان گڏ آهي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڪراچي جلسو VS گوجرنوالا جلسو …پاڪستان ڪنهن سان گڏ آهي؟

ڪراچي ۾ اڄ پيپلزپارٽي جي ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته ڇا اهو جلسو گوجرانوالا واري جلسي کان وڏو ٿيندو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اهو جلسو وڏو هوندو، ان حوالي سان ريحام خان سوال ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته پ پ جو ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسو گوجرانوالا واري جلسي کان ننڍو هوندو، وڏو هوندو يا برابر ٿيندو؟ جنهن ۾ 48 سيڪڙو ماڻهن ان راءِ جو اظهار ڪيو ته ڪراچي ۾ پ پ جو جلسو گوجرانوالا واري جلسي کان وڏو ٿيندو، 34 سيڪڙو ماڻهن چيو ته اهو جلسو ننڍو ثابت ٿيندو جڏهن ته 17 سيڪڙو ماڻهن جو خيال هو ته گوجرانوالا جلسي جيترو ئي برابر جلسو ٿيندو، اهڙي پول ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو.

پاڪستان ڪنهن سان گڏ آهي عمران خان، نواز شريف، آصف زرداري يا مولانا فضل الرحمان سان گڏ آهي؟ اهڙي سوال تي اڪثر ماڻهن عمران خان جي حمايت ڪئي. مليحه هاشمي پاران شيئر ڪيل پول ۾ 17 هزار 222 ماڻهن حصو ورتو، جنهن ۾ 95.8 سيڪڙو ماڻهن عمران خان جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو يعني ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو عمران خان جي حمايت ڪن ٿا، 4.2 سيڪڙو ماڻهن ٻين جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو يعني انهن اهو اظهار ڪيو ته هو نواز شريف، آصف زرداري، فضل الرحمان جي حمايت ڪن ٿا. مليحه هاشمي جي ان پول واري ٽوئيٽ کي 22 سئو کان وڌيڪ ماڻهن شيئر ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *