ڪراچي: جماعت اسلامي جو ڌرڻو 7 ڏينهن ۾ داخل

ڪراچي: جماعت اسلامي جو ڌرڻو 7 ڏينهن ۾ داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جو آءِ پي پيز معاهدن خلاف گورنر هائوس اڳيان لڳل ڌرڻو 7 ڏينهن به جاري رهيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي  جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر چيو ته اسان جو احتجاج آءِ پي پيز جي جعلي معاهدن خلاف آهي. حڪمرانن جا معاملا منظر تي آڻيندا رهنداسين. هن چيو ته خزانو لٽيندڙ حڪمران اڃا عياشيون ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، انهن کي عوام جي ڳڻتي ناهي، هن چيو ته عوام خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي، وفاقي سرڪار تيل جي نالي تي 69 ارب رپيا ڳڙڪائي وئي، عوام کان 44 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو ويو. هن چيو ته سنڌ ۾ ويٺل حڪمران جماعت ڪرپٽ آهي، اها عوام  جا مسئلا  حل نٿي ڪري سگھي، هن چيو ته ڪراچي جو ميئر چوي ٿو ته روڊ بند ڪرڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا،  اسان پرامن احتجاج ڪري مسئلا حل ڪري ڏيکارينداسين. هن چيو ته شهر ۾ جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن انهن بابت رڳو ايترو ٻڌايو وڃي ته اهي منصوبا ڪڏهن مڪمل ٿيندا؟