ڪراچي جون 578 عمارتون خطرناڪ قرار: لسٽ ڪمشنر ۽ ڊي سيز حوالي
نومبر 28, 2023
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ڪراچي ۾ 578 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ خطرناڪ عمارتن جي لسٽ ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي فراهم ڪري ڇڏي، تفصيل موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ پاران ڪراچي جي 578 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏئي لسٽ ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊپٽي ڪمشنرن حوالي ڪئي وئي آھي، ايس بي سي اي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ضلعي اوڀر ۾ 23 عمارتون خطرناڪ آهن، ضلعي سينٽرل ۾ 66 عمارتون خطرناڪ آھن ڪنھن بہ وقت ڪري سگھن ٿيون، جڏھن ته ضلعي ڪورنگي ۾ 14 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏئي عوام لاء نقصانڪار قرار ڏنو ويو، ضلعي ڪياماڙي ۾ 23 عمارتون ۽ ملير ضلعي ۾ 4 عمارتون خطرناڪ آهن، ضلعي ڏکڻ ۾ 456 عمارتون نقصان ڪار ۽ ضلعي اولهه ۾ 2 عمارتون زبون حالي جو شڪار آھن جيڪي ڪنھن بہ وقت ڪري سگھن ٿيون، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ڪراچي جي 578 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آھي، رابطو ڪرڻ تي ايس بي سي اي جي ترجمان جو چوڻ ھو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 360 کان وڌيڪ عمارتن کي ڊيموليشن ڪيو ويو آھي.