ڪراچي جون 58 هائوسنگ اسڪيمون غيرقانوني قرار: 588 عمارتون خطرناڪ ڊڪليئر

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي نااهلي، شهر جون 58 هائوسنگ اسڪيمون غيرقانوني قرار،پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران اسڪيمن خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۽ بلڊرن جا نالا پبلڪ ڪرڻ جو حڪم، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران صوبي جي مختلف ضلعن ۾741 زبون عمارتن مان رڳو ڪراچي شهر ۾ 444 تاريخي ورثي وارين عمارتن سميت 588 خطرناڪ عمارتون موجود هجڻ جو انڪشاف، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 59 خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرائڻ ۽ 39 خطرناڪ عمارتن کي ڊاهڻ جي منظوري ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ غيرقانوني اڏجندڙ هائوسنگ اسڪيمن بابت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کي هدايت ڪئي وئي ته ڪراچي ۾ 58 غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن ۾ عوام جي سيڙپڪاري روڪڻ ۽ غير قانوني اسڪيمن هلائيندڙ بلڊرز خلاف ڪارروائي ڪري بلڊرن جا نالا پبلڪ ڪيا وڃن. اجلاس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين پاران زبون ۽ خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کان صوبي جي سمورين زبون ۽ خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن جا تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هيريٽيج ڪاميٽي کي به پي اي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. پي اي سي اختيارين چيو ته قائد اعظم جي مقبري جي آس پاس غيرقانوني طور تي ٺهيل گھڻ ماڙ عمارتن بابت پڻ ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.