ڪراچي: جوهر ۾ مبينا مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا
جُون 12, 2025
ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 16اي ۾ مبينا مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو
پوليس جي رپورٽ موجب گلستان جوهر بلاڪ 16 اي ۾موٽر سائيڪل سوار ٻن شهرين ڦورن جي موجودگي جو اطلاع ڏنو، جنهن دوران اهلڪار ڦورن جي پٺيان لڳا ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني
جوابي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ مهراڻ ۽ جهانگير نالي سان ٿي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.