| ڪراچي جو جعلي ميئر هٽائڻ لاءِ جدوجهد تيز ڪبي: حافظ نعيم |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ايران_ آمريڪا جنگ دنيا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اقوام متحده فوري نوٽيس وٺي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيٽرول تان ليوي سميت سڀ ٽيڪس فوري ختم ڪيا وڃن. بند پيل آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪيا وڃن، ايل اين جي نه هجڻ باوجود ادائيگيون عوام تي ظلم آهن.، آءِ ايم ايف سان معاهدو عوام دشمن ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين مڪمل ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي، هن چيو ته ڪراچي ۾ پيل تازي برسات پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي بي نقاب ڪري ڇڏي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي 9 ٽائون چيئرمينن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، هن چيوته ڪراچي جي جعلي ميئر کي هٽائڻ لاءَ جدوجهد تيز ڪنداسين. هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي هوندي ڪراچي ترقي نٿي ڪري سگهي. جماعت اسلامي ئي پاڪستان ۽ ڪراچي کي ترقي ڏياري سگهي ٿي