ڪراچي جو ميئر ڪير ٿيندو؟ سياسي جوڙ ٽوڙ شروع، پي ٽي آءِ پاران جماعت اسلامي جي حمايت، ميئرشپ اسان جو حق آهي: پيپلزپارٽي

مَي 20, 2023

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي جو ميئر ڪير ٿيندو؟ سياسي جوڙ ٽوڙ شروع ٿي وئي آهي پي ٽي آءِ ميئر ڪراچي لاءِ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم جي حمايت ڪري ڇڏي جماعت اسلامي پاران پ پ تي مڪاني نمائندا اغوا ڪرائڻ جو الزام به هنيو ويو آهي جڏهن ته صوبائي وزير ناصر شاهه اغوا جا الزام رد ڪندي چيو آهي ميئرشپ اسان جو آهي پ پ جا نمبرز وڌيڪ آهن ڪراچي جو ميئر جيالو ئي ٿيندو تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف ميئر ڪراچي جي چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان کي سپورٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ميئر ڪراچي جي چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار کي سپورٽ ڪندي پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته پ پ ميئر ڪراچي لاءِ چونڊ کان اڳ ڌانڌلي ڪري رهي آهي مڪاني چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن کي پوليس ذريعي اغوا ڪرايو پيو وڃي حلف برادري کان اڳ نمائندن کي اغوا ڪيو پيو وڃي پي ٽي آءِ ان  معاملي تي عدالت سان به رابطو ڪنديپي ٽي آءِ ترجمان چيو ته ميئر جي چونڊ شفاف طريقي سان ٿيڻ گهرجي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم عوامي مينڊينٽ قبول ڪرڻ نٿيون چاهن

واضح رهي ته پ پ جون 104، جماعت اسلامي جون 87 ۽ پي ٽي آءِ جون 43 سيٽون آهن پ پ قيادت ميئر ڪراچي لاءِ مرتضيٰ وهاب جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ جماعت اسلامي جو حافظ نعيم ميئر ڪراچي لاءِ اميدوار آهي

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير ۽ ميئر ڪراچي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان پي ٽي آءِ جي حمايت کانپوءِ ميئر ڪراچي لاءِ اڪثريت حاصل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ميئر ڪراچي لاءِ اسان جا نمبر پورا ٿي ويا آهن چونڊ شو آف هينڊ ذريعي ٿيندي هاڻي اسان جي اڪثريت آهي پ پ حربا استعمال ڪري رهي آهي پر اهي ڪامياب نه ٿيندا هن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ پ پ رنڊڪ بڻجي رهي آهي چونڊيل نمائندن کي لالچون ڏئي رهيا آهن انهن کي اغوا ڪري رهيا آهن خريد ۽ فروخت جو عمل قبول نه ڪنداسين

حافظ نعيم الرحمان هڪ سوال تي چيو ته پي ٽي آءِ کي ڊپٽي ميئر جو عهدو ڏينداسين انهن غير مشروط حمايت ڪئي آهي ٻيا عهدا ڏيڻ بابت به معاملا طئي ڪيا ويندا 9 ٽائون جماعت اسلامي ۽ 3 ٽائون پي ٽي آءِ کي ملندا  ووٽ جي حساب سان جماعت اسلامي پهرين ۽ پي ٽي آءِ ٻئي نمبر تي آهي

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول جي دعويٰ پوري ٿيندي ميئر ڪراچي جيالو ئي ٿيندو نمبرز جي حوالي سان پ پ وڏي پارٽي آهي اصولي طور ميئر ان جو ئي ٿيڻ گهرجي ناصر شاهه ميئر ڪراچي لاءِ پي ٽي آءِ پاران جماعت اسلامي جي حمايت تي ردعمل ڏيندي چيو ته اصولي طور جنهن پارٽي جا نمبرز وڌيڪ هجن ميئر ان جو اچڻ گهرجي جنهن جي سنگل اڪثريت هجي پهريون حق ان جو آهي جيڪا پارٽي ٻئي نمبر تي آهي ان جو ڊپٽي ميئر ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته جماعت اسلامي سان ٻيهر ڳالهيون ٿينديون پهريان انهن ڊپٽي ميئر لاءِ راضپو ظاهر ڪيو هو هاڻ نمبر ڏسي نئين ڳالهه ڪري رهيا آهن هر پارٽي فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي صوبائي وزير چيو ته نمبرز اسان وٽ وڌيڪ آهن اسان جو ئي ميئر ٿيندو اڃا مخصوص سيٽن تي چونڊ ٿيڻي آهي ٻئي ڪنهن جا نمبرز وڌي ٿا وڃن ته ڀلي انهن جو ميئر اچي اسان کي اعتراض ناهي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي

صوبائي وزير ناصر شاهه مڪاني چونڊن ۾ چونڊيل نمائندن کي اغوا يا هراسان ڪرڻ جو الزام رد ڪندي چيو ته اسان تي هراسان ڪرڻ جا الزام هڻي رهيا آهن ڇا ڪنهن کي اهو حق حاصل آهي ته اهو وڳوڙ ڪري گاڏيون ساڙي هن چيو ته اهڙي صورتحال باجود انهن کي چونڊ واري ڏينهن ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول