| ڪراچي جي بنگلي مان ڇاڇري واسي ڳڀرو نوجوان ملازم جو لاش هٿ: قتل جو شڪ |
ڪراچي/ڇاڇرو(نمائندن وٽان) ڪراچي جي بنگلي مان ڇاڇري واسي نوجوان ملازم جولاش هٿ : قتل جو شڪ، ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس جي خيابان بخاري جي بنگلي مان ڇاڇرو واسي نوجوان گهريلو ملازم جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو، ڳوٺ مٺڙيو چارڻ واسي 22سالن جي نظير ولد غلام محمد راهمون جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس وارث وڏي انگ ۾ پهتا، وارثن نوجوان جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو. وارثن موجب نظير بنگلي ۾4 مهينن کان هيلپر هو، تازو ڳوٺ موڪلون گذاري موٽيو هو، بنگلي مالڪ چوي ٿو ته نظير خودڪشي ڪئي آهي، شڪ آهي ته نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس وارثن کي اطلاع نه ڏنو، بنگلي مالڪ به پوليس کي نوجوان جو نالو نه ٻڌايو. ٻئي طرف ڊي ايس پي درخشان عمران جاگيراڻي موجب ابتدائي جاچ موجب واقعو خودڪشي آهي، بنگلي مالڪ پاڻ 15 مددگار تي ڪال ڪري اطلاع ڏنو، بنگلي ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳل آهن، فوٽيجز ۾ ڪو به ماڻهو ملازم جي روم ۾ ويندي يا ايندي نظر نٿو اچي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ معاملو وڌيڪ واضح ٿي ويندو.هوڏانهن فوتي نوجوان جي ويجهي عزيز ۽ سوشل ورڪر عبدالرزاق راهمون جو چوڻ هو ته نظير جي 10 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، گهرواڻبڻت تان هن پنهنجي والد سان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران خودڪشي جي ڌمڪي ڏني هئي، والد پٽ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻئي ڏينهن نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو ، جڏهن ته بنگلي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا آهن، جن ۾ نوجوان رسي کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيو آهي.