ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جون تياريون، لسٽون تيار ڪيون ويون
پوليس پاران انمول پنڪي سميت منشيات فروش گروهن جا 15 ميمبر گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي
جڏهن ته روپوش جوابدارن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، پوليس اختيارين موجب تعليمي ادارن ۾ منشيات سپلاءِ ڪرڻ لاءِ 3 کان وڌيڪ منشيات فروش گروهه سرگرم آهن
پوليس موجب منشيات فروش افغانستان، ڪوئيٽا ۽ نوشڪي مان ويهي منشيات فروشي جو نيٽ ورڪ هلائين ٿا، منشيات پنجاب ۽ بلوچستان مان ڪوچز ذريعي ڪراچي پهچائي وڃي ٿي
پوليس موجب يونيورسٽيز ۽ ڊانس پارٽيز ۾ ڊليوري بوائز ذريعي منشيات سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي، ذريعن موجب منشيات جي ڪڌي ڪاروبار ۾ پوليس جون ڪاريون رڍون به ملوث آهن