ڪراچي جي سامونڊي بيچ سپين سان ڀرجي وئي

ڪراچي جي سامونڊي بيچ سپين سان ڀرجي وئي

ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) ڪراچي جي سامونڊي ڪناري ڪلفٽن وڏي تعداد ۾ سپيون جمعي ٿي ويون آهن. ڊبليو ڊبليو ايف جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر معظم خان جو چوڻ آهي ته مون سون جي موسم ۾ تيز سامونڊي لهرن جي ڪري سپيون ساحل تي اينديون آهن. ڪلفٽن ساحل تي ايندڙ سپين کي بلڊ ڪليم چيو ويندو آهي ۽ انهن سپين ۾ هيموگلوبن جي ڪري انهن جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي. معظم خان موجب اهي سپيون سڄي دنيا ۾ ماڻهو شوق سان کائيندا آهن پر سامونڊي آلودگي جي ڪري، شهرين کي ساحل تي سپيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪراچي جي ساحل تي ايندڙ سپيون صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار ٿي سگهن ٿيون. ڊبليو ڊبليو ايف جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر چيو ته سپين سان گڏ پلاسٽڪ ۽ ٻيو ڪچرو به آلودگي جو سبب بڻجي رهيو آهي. انساني سرگرمين جي ڪري ڪراچي جو سمنڊ آبي زندگي کان محروم ٿي رهيو آهي.