ڪراچي جي صنعتي ايريازکي ٻيو وڏو پيڪيج به ڏينداسين: شرجيل  

 ڪراچي جي صنعتي ايريازکي ٻيو وڏو پيڪيج به ڏينداسين: شرجيل  

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي صنعتي ايرياز لاءِ 9 ارب  28 ڪروڙ رپين جي ترقياتي پيڪيج جي منظوري سنڌ حڪومت جو تاريخي فيصلو آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي کي ٻيهر مضبوط، فعال ۽ مقابلي جي سگهه رکندڙ صنعتي مرڪز بڻائڻ لاءِ سنجيدگي ۽ تسلسل سان ڪم ڪري رهي آهي.ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته ڪراچي قومي معيشت جي دل آهي،  صنعتي زونن جي بحالي ۽ ترقي سڌي طرح روزگار، ايڪسپورٽ ۽ سيڙپڪاري سان جڙيل آهي. هن ٻڌايو ته صنعتي علائقن  ۾ترقياتي ڪم ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اهي فنڊز انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس مان مهيا ڪيا پيا وڃن،ھن چيو ته وزيراعليٰ واضح اعلان ڪيو آهي ته پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صنعتي علائقن لاءِ ساڳئي نوعيت جو هڪ ٻيو وڏو ترقياتي پيڪيج پڻ ڏنو ويندو.