ڪراچي جي صنعتڪار جو ملڪ اسد سڪندر تي قبضي جو الزام

ڪراچي جي صنعتڪار جو ملڪ اسد سڪندر تي قبضي جو الزام

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڪراچي جي صنعتڪار عمير ڊيڊي ميمڻ گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر. سندس پٽ ملڪ سڪندر جي مدد سان سندن ڪمدار حسين فقير ڪوٽڙي ۾ سروي واري زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته درگاهه بابا صلاح الدين جي ڀرسان زمين سروي نمبر 98. 97 هاءِ ڪورٽ جي آڪشن تي ورتي. جنهن زمين تي وري ملڪ اسد سڪندڙ مالڪي جي دعوا ڪئي. جيڪا عدالت ۾ ڪوڙي ثابت ٿي. عدالت منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو. عدالت جي فيصلي باوجود زمين نه ملي آهي. هاڻ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو. مختيار ڄامشورو جي مدد سان ملڪ اسد سڪندر، سندس ملڪ سڪندر خان ۽ ڪمدار حسين فقير ۽ ٻيا قبضو ڪري هڪ غير قانوني ڪوٽڙي پيراڊائيز اسڪيم آڻي منهنجي زمين تي پلاٽنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ. آرمه چيف ۽ ٻين اختيارن کان مطالڀو ڪيو ته زمين واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.