| ڪراچي جي مختلف روڊن تي رڪشائن تي پابندي جو فيصلو چئلينج |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سنڌ حڪومت پاران مختلف روٽن تي چنگچي رڪشن جي اچ وڃ تي لڳايل پابندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي،چنگچي رڪشا ايسوسيئيشن سنڌ حڪومت جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، عدالت سنڌ حڪومت، ٽريفڪ پوليس ۽ چنگچي رڪشا ٺاهيندڙ ڪمپني کي نوٽيس جاري ڪري ڪندي ڌرين کان 3 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذار جي وڪيل قاضي عبدالحميد عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي فيصلي سبب 60 هزار چنگچي رڪشا متاثر ٿيا آهن، ان موقعي تي جسٽس يوسف علي سعيد ريمارڪس ڏنا ته حڪومت جو لکت ۾ جواب اچڻ ڏيو، پوءِ سڄي معاملي جو جائزو ورتو ويندو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت شهر جي 26 اهم روٽن تي چنگچي رکشن جي اچ وڃ تي پابندي لڳائي آهي، جڏهن ته سڀني چنگچي رکشن وٽ اڃا تائين قابلِ استعمال روٽ پرمٽ موجود آهن، درخواست موجب پابندي روٽ پرمٽ رد ڪرڻ کانسواءِ لاڳو ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته حڪومت جي هن فيصلي سبب چنگچي رڪشا هلائيندڙن خلاف روزانو ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته پابندي سبب چنگچي رڪشا ٺاهيندڙ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هزارين ماڻهن جو روزگار پڻ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، درخواست گذار جي وڪيل موجب ڪمپني چنگچي رڪشا نه پر مضبوط باڊي سان موٽر ڪيب رڪشا تيار ڪري ٿي، درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته رڪشا هلائيندڙن تي پابندي لڳائڻ بدران ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ سنڌ حڪومت پاران لڳايل پابندي ختم ڪئي وڃي.