ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان ۽ اڄ صبح هلڪي ۽ تيز برسات ماحول کي منڊي ڇڏيو آهي
اڄ صبح کان شهر جي مک علائقن صدر، ايم اي جناح روڊ، گرو مندر، ڪريم آباد، عائشا منزل ۽ ڀرپاسي هلڪي ۽ تيز برسات وسندي رهي
ڊفينس، اختر ڪالوني، محمود آباد، چنيسر ڳوٺ، نرسري ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ وقفي وقفي سان ڦُڙ ڦُڙ موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو
ملير، لانڍي، ڪورنگي، ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي ڳوٺ ۾ به تيز برسات وسندي رهي جنهن سبب شهرين موسم جو مزو وٺڻ سان گڏ بجلي جي لوڊشيڊنگ کي پڻ منهن ڏنو
موسميات کاتي موجب ڪراچيءَ ۾ اڄ سڄو ڏينهن موسم جهڙالي رهندي جڏهن ته شام تائين مختلف علائقن ۾ هلڪي هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو